بيان البرڪات في ترجمة دلائل الخيرات - ڪتاب

بيان البرڪات في ترجمة دلائل الخيرات - ڪتاب

بيان البرڪات في ترجمة دلائل الخيرات

بيان البرڪات في ترجمة دلائل الخيرات (ڪتاب ):هن بابرڪت ڪتاب جو مصنف ابو عبدالله سيد محمد بن سليمان جزولي آهي. مصنف ابو عبدالله مقدمي ۾ ڪتاب جو نالو ”دلائل الخيرات وشوارق الانوار في ذڪر الصلواة“ ڄاڻايو آهي. هن صاحب فجر جي نماز جي ٻي رڪعت جي ٻئي سجدي ۾ پهرين ربيع الاول 870 هه/ 22 آڪٽوبر 1465ع ۾ انتقال ڪيو. هن با برڪت دعائن ۽ ورد وظائف جي عربي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو علامه عبدالوحيد جان سرهنديءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اسماءَ الله الحسنيٰ افتتاحي دعا، درود شريف جون فضيلتون، اسماء النبي الڪريم صلي الله عليه وسلم، دلائل الخيرات پڙهڻ جي نيت، روضهءِ اطهر جي تعريف، جمعي جي ڏينهن جي دعا، ڇنڇر جي دعا، آچر جي دعا، سومر جي دعا، اڱاري جي دعا، اربع جي دعا ۽ ٽي خميس جي ڏينهن جون دعائون ۽ آخر ۾ قصيدي برده شريف جو انتخاب پڻ شامل آهي. هن ڪتاب جي ڪتابت فقير فيض محمد سڪندريءَ جي ڪيل آهي. دعائن جو هي بابرڪت ڪتاب سنڌي ترجمي سان قاضي عبدالقدوس راڄڙ القدوس پبلڪيشنز طرفان ڇپائي في سبيل الله ورهايو آهي، ڊيمي سائيز جي 346 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1995ع، ٻيو ڇاپو 1996ع ۽ ٽيون ڇاپو 2004ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو